ترشولي چمڙو

ترشولي چمڙو

ترشولي چمڙو

تِرشولي (پَن- نَڪو) چمڙو: هي چمڙو سڄو ڏينهن ٻرن، غارن، جبلن جي ڏارن ۽ ڏرڙن ۾ پيو هوندو آهي. هي چمڙو آواز جون لهرون پيدا ڪري، انهن جي پڙاڏي تي اڏامندڙ جيت وات ۾ يا پنهنجن پرن ۾ جهولي ٺاهي جهٽيندو آهي. ائين ئي پوين پيرن ۽ پڇ سان ڳنڍيل کل کي کيسي وانگر سوڙهو ڪري به جيت جهلي سگهندو آهي، هيءُ چمڙو ڏکڻ بلوچستان ۽ سنڌ جي ڪوھستان ۾ رھندو آھي.
هن چمڙي جي نڪ مٿان موجود پردي کي ٽي شاخون هونديون آهن، انڪري ان کي ترشولي چئجي ٿو. هن جي جسم جي ڊيگهه 5 کان 7 سينٽي ميٽر ٿيندي آهي ۽ هن جو پڇ اڍائي سينٽي ميٽر ڊگهو هوندو آهي. هن چمڙي جا ڪَن پپر جي پَن وانگر نوڪدار ۽ وڏا ٿين ٿا، انهن تي بَج يا وار ڪونه ٿين. هي چمڙا غارن ۽ ڏرڙن ۾ رهندا آهن ۽ جيت خور آهن. هنن جي نسلي واڌ بهار جي مند ۾ ٿيندي آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو